چاچڙ حاجي خان اول

چاچڙ، خان '>حاجي خان (اول): انگريز دؤر ۾ چاچڙ قبيلي جو سردار خان '>حاجي خان (اول) هڪ ايماندار ۽ مدبر شخصيت ٿي گذريو آهي. سندس فيصلا پري پري تائين مشهور هئا. انگريز عملدار ملڪيتن ۽ حد بندين وارا منجهيل فيصلا کانئس ڪرائيندا هئا. نوراجا ۽ ڀنڍڪيءَ ديهن جي حد بندي، روهڙيءَ جي سيدن جي علي واهڻ جاگير ۽ ٻيا اهم فيصلا سندس سربراهيءَ ۾ ٿيا، جن جو ذڪر سکر گزيٽئر ۾ ٿيل آهي. کيس انگريز سرڪار پاران ڪيئي آفرين نامه عطا ڪيا ويا. پني عاقل تعلقي جو ڳوٺ حاجي خان چاچڙ سندس نالي تي آهي. سندس پوٽو حاجي خان چاچڙ هن وقت قبيلي جو سردار ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو رهنما آهي. جيڪو هن وقت وڏي وزير جو صلاحڪار پڻ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو